لاهور – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ ماڻهو تمام عظيم آهن، هتي اچي خبر پئي ته فائونٽين هائوس دنيا ج?? بهترين ادارن مان هڪ آهي، اهڙي طرح جي ادارن ۾ اچي دلي سڪون ملي ٿو ۽ حقيقي خوشي ملي ٿي، معاشري جي محروم ماڻه?? کي ڪارائتو شهري بڻائڻ تمام وڏي خدمت آهي، دنيا ۾ 30 کان 40 ??يڪ??و ماڻهو ڊپر??شن جو شڪار آهن، ڪوشش آهي ته هڪ ڪال سينٽر قائم ڪريان جتي ڊپر??شن ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار ماڻه?? کي فون ڪالز ذريعي سڪون ۽ آرام حاصل ڪرڻ بابت مشورا ڏنا وڃن، ڊبليو ايڇ او جي طرز تي اسلام آباد ۾ اسڪول ٽيچرز جي مدد سان ٻارن ذريعي ڊپريس والدين جو علاج ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون. هو فائونٽين هائوس ۾ ورلڊ سائيڪاٽرڪ ايسوسيئ??شن جي اهتمام هيٺ آٽزم اينڊ چائلڊ سائيڪاٽري ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.