اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) اقتصادي معاملن واري وزارت کي قرضن ۾ رليف جي ڏس ۾ گروپ 20 سان مفاهمت جي دستاويز تي صحيحون ڪرڻ ۽ ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وز??راعظم جي رليف فنڊ جي انتظام ۽ انصرام جي لاءِ پاليسي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اي سي سي سپريم ڪورٽ جي عمارتن جي مرمت ۽ بحالي جي لاءِ 360.51 ملين رپين ج?? فني ضم??ي گرانٽ سميت ملڪ ۾ سمارٽ فونز جي تياري جي لاءِ ٺوس ترغيباتي پاليسي جي ڏس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر جي چيئرمين شپ ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وز??راعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ ش??خ جي صدارت ۾ ٿيو.