اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين جي ??يفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڏکڻ بلوچستان ۾ سي پيڪ سان لاڳاپيل منصوبن تي اڳڀرائي جاري آهي، خضدار کان بسيما 110 ڪلوميٽر ٻن ڦاڪن واري رستي تي ڪم ڀرپور انداز ۾ جاري آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته اين 30 رستي تي ڪم آڪٽوبر 2019ع ۾ شروع ٿيو، اين 30 رست?? جي تعمير تي 19 ارب رپيا لاڳت ايندي. عاصم سليم باجوه چيو ته رستي جو 20 سيڪڙو ڪم مڪمل، رستو خضدار کي اين 85 سان ڳنڍيندو. هن چيو ته منصوب?? جي 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻ سان گوادر تائين پهچ وڌيڪ آسان ٿي ويندي.