اسلام آباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته بين ال??فغ??ن مذاڪرات منعقد ڪرڻ ??فغ??نستان ۾ امن جي قيام لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ سڄي دنيا پاڪستان جي موقف تسليم ڪري رهي آهي، ??فغ??ن امن عمل کي منتقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ عا??مي برادري کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن دوحه ۾ بين ال??فغ??ن مذاڪرات جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم ۽ قطر جي پرڏيهي وزير جي خاص دعوت تي ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان طرفان ??فغ??نستان لاءِ خاص نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق دوحه اجلاس ۾ شريڪ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو موقف هميشه ??هو ئي رهيو آهي ته ??فغ??ن مسئلي جو حل طاقت ذريعي ممڪن ناهي. سٺي ڳالهه اها آهي ته اڄ سڄي دنيا پاڪستان جي موقف کي تسليم ڪري رهي آهي.