اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪ??ي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري ملڪ جي م??اشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ايندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي، افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين رابطا وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي ترقي جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان اهو قدم خوش آئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي اقتصادي زون هوندو، سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي م??ارڪباد ڏيندي چيو ته هي م??اهدو خيبرپختونخواهه جي ترقي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو، رشڪ??ي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخواهه پر پوري ملڪ جي م??اشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقامي م??ڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخواهه ۾ رهي م??ڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.