??سل??م آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ سازگار ماحول جڙ?? رهيو آهي، افغانستان خوشحال ٿيندو ته پاڪستان پڻ خوشحال ٿيندو، افغانستان ۾ امن عمل لاءِ پاڪستان جون ڪوششون دنيا تسليم ڪر?? رهي آهي. افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پاڪستان سول ۽ ملٽري سميت ??مو??ا ادارا هڪ پيج تي آهن ۽ افغانستان ۾ امن ۽ تعمير ۾ دلچسپي رکن ٿا. امن جي قيام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ??ون نيون راهون کُلنديون، ان حوالي سان واپار وارو صلاحڪار ??بدالرزاق دائود جلد افغانستان جو دؤرو ڪندو. گذريل ڏينهن افغانستان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين عبدالله عبدالله سان ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن عمل ۾ پاڪستان جيڪو ڪردار ??دا ڪيو اها دنيا ساراه?? رهي آهي.