اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان آمريڪي ناظم الامور اينجيل?? ايگلر ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ علائقائي س??ڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خاص طور تي افغانستان جي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي به ڳالهه ??ولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري جي فوري ڪوششن جي ضرورت آهي، ان موقعي اينجيل?? ايگلر خطي ۾ قيام امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪوششن کي ساراهيو.