اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي ??جربي مان فائد?? کڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن سي ڊي اي جي ??جويز ڪيل عالمي معيار جي هائوسنگ منصوبي، اوورسيز انڪليو اسلام آباد بابت هڪ اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي معاشي ترقي جي ??مل ۾ شامل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، اسان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ۽ آمدني وڌائڻ جي لاءِ انهن جي مهارت ۽ خدمتن مان فائد?? کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي اسلام آباد ۾ هڪ اهم جڳهه تي اٽڪل 6000 اپارٽمينٽس جو ڪلسٽر تيار ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي جتي اٽڪل 35000 ماڻهن کي عالمي معيار جي ??هائش جي ??هولت حاصل ٿيندي، اهو منصوبو مڪل طور تي پائيدار ۽ انتهائي محفوظ هوندو ۽ سمورن سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪارن کي پرڪشش واڪ جي ??هولت حاصل هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان تجويز ڪيل هائوسنگ اپارٽمينٽس جي ??عليٰ معيار جي ??عمير، تيز رفتار پڄاڻي ۽ مسابقتي قيمتن جي ??عين کي يقيني بڻائين ته جيئن سمنڊ پار پاڪستانين پاران انهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ??وورسيز واري خاص ??عاون سيد طارق محمود الحسن، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سي اي او اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي عمران امين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.