اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي بلوچستان صوبي جي ??لائقي شيراني ۾ ٻيلن ۾ لڳل باهه بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ متاثر علائقي ۾ جاري آپريشن بابت تفصيل شامل آهن. گذريل ڏينهن لاهور ۾ هڪ اجلاس دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي باهه تي ضا??طو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ ان حوالي سان رپورٽ طلب ڪئي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري ڪيل تفصيل موجب وفاقي ۽ صوبائي کاتن تي ٻڌل ٽيم جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته زوب جي ڪمشنر متاثر علائقي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم وٽ جمع رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري بلوچستان، ٻيلي کاتي جي ??يڪريٽري ۽ پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل متاثر علائقي جو دورو ڪيو آهي، مختلف ٽيمن جا 300 اهلڪار شير گلي، زرغون زاور، تور ڳڙهه ۽ نڪئي جي ??لائقن ۾ باهه وسائڻ جي ??پريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. وزيراعظم جي ??صوصي نمائندي ۽ وفاقي وزير مولانا عبدالواسع زوب ۾ هڪ اجلاس جي ??دارت پڻ ڪئي جنهن ۾ وڏي وزير، وفاقي ۽ صوبائي عملدارن ۽ ٻارهين ڪور جي ڪمانڊر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي هدايتن جي ??وشني ۾ ضلعي شيراني ۾ ٻيلي کاتي ۽ جنگلي حيات جي ??يڪريٽري جي قيادت ۾ ٽاسڪ فورس ??و عمل قيام ۾ آندو ويو آهي، ان کانسواءِ ويليج اينڊ ايريا فائير ڪنٽرول ڪميٽين جي قيام لاءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته باهه جي ڦهلاءُ تي ضا??طو آڻڻ جي لاءِ پي ڊي ايم اي باهه وسائيندڙ اوزار ۽ ريسڪيو گاڏيون فراهم ڪري رهي آهي. ان سان گڏوگڏ اين ڊي ايم اي پڻ ضروري اوزار فراهم ڪري رهي آهي، پاڪ فوج جاري آپريشن جي لاءِ ٻه هيلي ڪاپٽر ڏنا آهن جڏهن ته آرمي بيس ڪئمپ جو قيام پڻ عمل ۾ آندو ويو آهي.