اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ?? قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاق?? وزير مولانا عبدالواسع جي سربراهي ۾ آل پاڪستان مائنز اينڊ منرلز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ڪالهه خ??يس ڏينهن هتي ساڻس م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت ۾ ملڪي سطح تي اعليٰ ڪوالٽي جي ڪوئلي، لوهه ۽ ٻئي قيمتي معدنيات جي ڳولا ۽ نيڪالي جي نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مختلف تجويزون بحث هيٺ آيون. وزيراعظم ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي هدايت ڪئي ته جيئن بجلي جي پيداوار ۽ ٻين صنعتن ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال جو وڌ کان وڌ حصو مقامي سطح تي پيدا ڪري ملڪ جو قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٿر ۽ لاکڙا ۾ موجود ڪوئلي سان گڏوگڏ ميانوالي ۽ چنيوٽ ۾ دريافت ٿيل لوهه جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ملڪ ?? مائننگ سيڪٽر جي ترقي جي لاءِ عملي تجويزون جوڙي جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان مقصد جي لاءِ ناڻي وار?? وز??رت?? توانائي وار?? وز??رت?? پيٽروليم وار?? وز??رت?? صنعت ۽ پيداوار وار?? وز??رت?? فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن جي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ان کانسواءِ وزيراعظم سمورين وفاق?? وزارتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مائننگ سيڪٽر سميت سمورن شعبن جي لاءِ اعليٰ تعليم يافته ماهرن جي ڳولا لاءِ پيٽروليم واري مملڪت?? وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي ٺاهڻ جو پڻ حڪم ڏنو. م??اق??ت ۾ توانائي واري وفاق?? وزير انجنيئر خرم دستگير، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري مملڪت?? وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين عاصم احمد ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.