اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئي??ي قدم جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙو ملهائيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشمي??ين سان يڪجهتي جي اظهار ??اء?? سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪشمي??ين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. پوري قوم پنهنجي ڪشميري ??ائ??ن کي اهو پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرآئي??ي قدمن جي مذمت جي ??اء?? استحصال ڏهاڙو ملهائيندا. ملڪ جي سمو??ين سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريلين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي ??اء?? سيمينارز ۽ بين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي، ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي ??اء?? روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خاموشي جي فوري پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪشمي??ين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي ??اء?? پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويا آهن. 5 آگسٽ 2019ع جي مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ اي 35 کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.