اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چي?? آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جو هڪ طرفو قدم غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قرارد??دن جي خلاف آهي، عالمي برادري ڪشميرين جي حقن لاءِ ??ام??شي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قرارد??دن موجب ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ ”استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چي?? ته ڀارتي حڪومت جو 5 آگسٽ 2019ع جو ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو هڪطرفو غيرآئيني ۽ گڏيل قومن جي قرارد??دن جي خلاف آهي، ڪشمير ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته هن مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چي?? ته ڪشمير جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن ۽ ڀارت جهڙي طرح ڪشميرين جي آزادي ۽ خودمختياري کي سلب ڪري ۽ ان جو استحصال ڪيو آهي ان جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن چي?? ته 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج ڪشمير جي گهٽين ۽ پاڙن ۾ ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، ماڻهن کي اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ وڏي انگ ۾ ڪشميري گم ٿي رهيا آهن. هن چي?? ته عالمي برادري ڪشمير بابت ??ام??شي ٽوڙي ۽ گڏيل قومن جي قرارد??دن موجب انهن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چي?? ته پاڪستان جي حڪومت سدائين ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو ساٿ ڏنو آهي ۽ آخري دم تائين ڏيندا رهنداسين. هن چي?? ته ڀارتي حڪومت ڪشميرين جي انساني حقن ۽ انهن جي شخ??ي آزادي، احساسن ۽ جذبن جو خيال ڪري ۽ 5 آگسٽ 2019?? جي ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت تبديل ڪرڻ جي غيرآئيني قدم کي واپس وٺي. هن چي?? ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ڪمزور ٿيڻ واري نه آهي ۽ ان جي آزادي جي تڙپ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو.