اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائم پارلياماني ٽاسڪ فورس جي چيئرپرسن رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ايشيا پيسفڪ ملڪ مسئلن جي حل لاءِ گڏجي حڪمت عملي جوڙين ڇو ته هي سفر هڪ ٻن ڏينهن جو نه آهي پر هڪ مسلسل جدوجهد آهي، اڄ پاڪستان متاثر ٿيو آهي سڀاڻي ڪو به ملڪ متاثر ٿي سگهي ٿو. آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ر??جن جي ٽئين سيمينار جي پڄاڻي ??يشن ۾ مختلف ميمبر ملڪن پاران سيمينار کي ڪارائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ايران پاران ان ??الهه تي زور ڏنو ويو ته اسان ??ي سيمينار کي نتيجا خيز بڻائڻ تي ڌيان ??يڻو پوندو نه ته سموريون ڪوششون ضايع ثابت ٿينديون. ويتنام جي نمائندي جو چوڻ هو ته پاڪستان ??ي ٻوڏ جون تباهيون درپيش آهن اسان ??رپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻ گهرجي. نيپال تجويز ڏني ته سمورن ايشيائي ملڪن کي هڪ جهڙا مسئلا درپيش آهن ان لاءِ اسان سڀني کي هڪ گڏيل پارلياماني مڪينزم جوڙي انهن مسئلن مان نڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. سيمينار جو پڄاڻي ??يشن اڄ اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.