ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آرمينيا پاران اش??عال انگيز حملي ۾ 70 آذربائيجاني فوجين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن آذربائيجان جي صدر کي مخاطب ٿيندي چيو ته پيارا ڀاءُ! آرمينيا جي اش??عال انگيز حملي ۾ 70 آذربائيجاني فوجين جي مارجڻ واري خبر ??ڌي ڏک ٿيو. پاڪستان جي عوام آذربائيجان جي ڀائرن سان يڪجه??ي جو اظهار ڪري ٿي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي انهن جي حق جي مڪمل حمايت ڪري ٿي.