اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي اڄ ثمرقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب آذربائيجان جي صدر الهام عليوف س??ن ملاقات ڪن??و، ان کانپوءِ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ س??ن ملاقات ڪندو. ملاقات کانپوءِ وزيراع??م شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگريس سينٽر ويندو. وزيراع??م شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن کي خطاب پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم جو مارٽ توڪايوف س??ن ملاقات ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي پڄاڻي کان اڳ امام بخاري جي مزار تي حاضري پڻ ڀريندو.