اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سا?? نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي مل?? ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان سا?? يڪجهتي جي اظهار ۽ وڏي پئماني تي مدد ڪرڻ ۽ ايندڙ سا?? 9 جنوري تي جنيوا ۾ موسمياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن بابت عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني ڪرڻ تي ان کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ڪانفرنس ۾ اهم عطيو ڏيندڙن، ترقياتي ادارن ۽ نجي شعبي جي شرڪت ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي پاڪستان جي ٺوس منصوبي جي تجويزن جي حمايت جي لاءِ ??وصلا افزائي تي سيڪريٽري جنرل سا?? مسلسل تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل جاري انساني امدادي ڪمن سا?? گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. سيڪريٽري جنرل چيو ته ڪانفرنس جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي ن??ين سر تعمير ان جي اولين ترجيح آهي. سيڪريٽري جنرل اسرندڙ مل??ن کي درپيش فوري چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ج?? لاءِ هڪ متفقه ۽ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ ج?? لاءِ ??ي – 77 ۽ چين جي خصوصي وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ ج?? پرڏيهي وزير جي وقت سر قدم کي پڻ ساراهيو.