اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف و??قع?? ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ت??زي?? جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مختلف و??قع?? ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ت??زي?? جو اظهار ڪيو. صدر 31 ڊسمبر تي جاني خيل بنون ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي محمد وسيم جي والد سان فون تي افسوس جو اظهار ڪيو، شهيد جي والد صدر کي چيو ته ٽي پٽ فوج ۾ آهن ۽ قرباني جي لاءِ تيار آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ شهيد جي قرباني ۽ والد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر 29 ڊسمبر تي ڪرم ايجنسي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبيدار شجاع محمد جي ڀ??ءُ محمد اشرف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي عبدالرحمان جي ڀ??ءُ گوهر ياسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، شهيد جي ڀ??ءُ صدر سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڀ پاڪستان تي قربان، 10 ڀ??ءُ هجون ها تڏهن به شهادت جي لاءِ تيار هجون ها. صدر نائيڪ محمد رمضان جي چاچي سان به ??يليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي صبر جميل جي لاءِ دعا ڪئي.