اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ??زم کي ورجائيندي چيو آهي ته خطي ۾ رابطن جي منصوبن سان نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي ??روعات پڻ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اها ڳالهه ازبڪستان جي نائب وزيراعظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وزير خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف جي قيادت ۾ ازبڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. گذريل سيپٽمبر ۾ ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ??ربراهي اجلاس ۽ ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي تي ٻڌل قدمن تي آڪٽوبر 2022ع ۾ قزاخستان ۾ ٿيندڙ ڇهين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزائيوف سان پنهنجي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم پاڪستان پاران ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مثالي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??زم کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان رستن ۽ ريلويز جي ??ريعي وچ ايشيا تائين پهچ جي ??ڇ ڪري رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته خطي ۾ رابطن جي ??نه?? منصوبن سان نه رڳو واپاري ڪميونٽيز کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ان سان ٻنهي ملڪن ۽ خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين دور جي ??روعات ٿيندي. ازبڪستان جي وفد وزيراعظم کي پاڪستان ۾ اقتصاديات جي وزارتن سان ٿيندڙ ملاقاتن بابت ٻڌايو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ??عبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ازبڪستان جي نائن وزيراعظم، سيڙپڪاري ۽ ٻاهرئين واپار واري وزير خودجائيوف جمشيد عبدو حڪيموف وزيراعظم کي مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي واپاري گروپن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۽ اجلاسن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي ??زنس ڪميونٽيز جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ ثمر آور ڳالهه ٻولهه کي ساراهيو ۽ چيو ته ان سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ازبڪستان جي وفد وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ رابطن ۾ واڌاري جي ??زم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ دوستي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آه?? ۽ ??زبڪستان جي نائب وزيرعاظم جي قيادت ۾ وفد جي ??وري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن جي ??ڪاسي ٿي رهي آهي.