اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف جي العربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وزيراعظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم تسلسل سان ??يو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جو بنيادي مسئلو ڳالهه ٻ??لهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ تي ??يو آهي ته ڳالهه ٻ??لهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غيرقانوني قدم کي واپس نه ٿو وٺي، ان غيرقانوني قدم کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳالهه ٻ??لهه ممڪن نه آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري وضاحتي بيان موجب ڪشمير جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته وزيراعظم پنهنجي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏ??ندي اهو موقف بلڪل واضح ڪيو.