اسلام آ??اد– 20 – جنوري (اي پي پي) ٿائيلينڊ ٽيڪس??ا ميوزيم کي ٻُڌ جي هڏين جي آثارن لاءِ هڪ جديد ترين ڪنٽينر تحفي ۾ ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس م??جب اهو ڪنٽينر ٽيڪس??ا ميوزيم ۾ هڪ تقريب ۾ حوالي ڪيو ويو. تقريب ۾ ٿائيلينڊ جي سفارتخاني جي سفارتڪارن، پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ ٽيڪس??ا ميوزيم جي ڊائريڪٽر شر??ت ڪئي. ٿائيلينڊ جي سفير چڪريڊ ڪراچائي وونگ، ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ۽ ترجمان ممتاز زهره بلوچ کي ڪنٽينر پيش ڪيو جنهن پاڪستان پاران ان کي وصول ڪيو. مقدس آثار سان گڏ ڪنٽينر ٽيڪس??ا ميوزيم ۾ مستقل نمائش جي لاءِ رکيو ويندو. ٽيڪسلا جو قديم شهر ٻڌ مت جي تاريخ ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو.