اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي جاچ جو حڪم ۽ وفاقي وزير کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم جاچ جي ??اءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان کان فوري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چ??و ته ملڪ ۾ بجلي جي ايڏي وڏو بحران پيدا ??يڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ ان جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي ??وري بحالي جو حڪم ڏيندي چ??و ته عوام کي مشڪلاتون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪن??اس??ن.