ڪراچي – 08 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپل??پا??ٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي ٻوڏ متاثرين جي گهرن جي ??ڏاوت لاءِ فنڊ جاري ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي ??عمير ڪري ڏيڻ هڪ انقلابي قدم آهي، گهرن جي نئين سر تعمير ۾ ٻه کان ٽي سال لڳندا پر واعدو آهي ته جنهن جي ??ه گهر کي نقصان پهتو آهي انهن وٽ پهچنداسين، انهن جي مالي مدد به ڪنداسين ۽ مالڪاڻا حق به ڏينداسين، آءِ ايم ايف کان مطالبو آهي ته ملڪ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊيز بابت بيل آئوٽ پئڪيج جي لاءِ پنهنجا شرط نرم ڪري ته جيئن پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين کي مهانگائي کان تحفظ فراهم ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ حڪومت ۽ گڏيل قومن جي ??رقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي ??عاون سان ”ترقي يافته سنڌ: وچن کان نئين سر تعمير تائين“ جي ??نوان تحت منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرين جي گهرن جي ??عمير جي لاءِ ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم جو بٽڻ دٻائي فنڊز جاري ڪيا. ڪانفرنس ۾ 2.1 ملين گهرن جي نئين سر تعمير جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽيز پروگرام جي ??روعات ڪئي وئي جنهن ۾ شروعاتي طور تي ٻوڏ متاثرين ۾ رقم ادائيگي شامل آهي. ايم او يوز تي عملدرآمد ڪندڙ حصيدارن سان پڻ صحيحون ڪيون ويون. ڪانفرنس کي فارن آفيس ڪامن ويلٿ اينڊ ڊيولپمينٽ آفيس (برطانيا)، يو ايس ايڊ، ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ، ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ، اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن، انٽرنيشنل آرگنائيزيشن فار مائيگريشن، يو اين او ڊي ??ي، ڊبليو ايڇ او، ايف اي او، آغا خان ايجن??ي، يونيسيف ۽ يو اين ايف پي اي جي نمائندن خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ متاثرين جا گهر تعمير ڪرڻ جو سلسلو هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي ۽ جيڪڏهن اسان ان ۾ ڪامياب ٿيون ٿا ته اهو اسان جي نسل جو لينڊ ريفارمنگ جو سلسلو هوندو. گهرن جي ??عمير جي منصوبي جي ??وبي اها آهي ته انهن جا گهر ته تعمير ٿي رهيا آهن پر تعمير سان گڏوگڏ اسان کي انهن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ گهرجن. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي مخاطب ٿي چيو ته منهنجو مطالبو آهي ته گهرن جا مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا وڃن. پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرين کي ملندڙ گهر انهن جا اثاثا هوندا. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي ??عمير ڪري ڏيڻ هڪ انقلابي قدم آهي جنهن سان امير ۽ غريب جو فرق ختم ٿيندو ۽ ان سان ملڪي معيشت ۾ پڻ بهتري ايندي. هن چيو ته گهرن جي نئين سر تعمير ۾ ٻه کان ٽي سال لڳندا پر اسان واعدو ڪريون ٿا ته اهو سلسلو مڪمل ڪنداسين ۽ جنهن جي ??ه گهر کي نقصان پهتو آهي اسان انهن وٽ پهچنداسين، انهن جي مالي مدد به ڪنداسين ۽ مالڪاڻا حق به ڏينداسين. پرڏيهي وزير چيو ته جڏهن آئون جنيوا ڪانفرنس ۾ پهتو هئس ته ورلڊ بئنڪ پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 2 ارب ڊالر جي ??مداد ڏني وئي هئي. پرڏيهي وزير چيو ته سڄي سنڌ ۾ جيڪي به گهر تباهه ٿيا آهن انهن جي نئين سر تعمير جي لاءِ 1.5 ارب ڊالر جي ??رورت آهي ۽ ورلڊ بئنڪ پاران ڏني ويندڙ رقم مان 50 ڪروڙ ڊالر سڌوسنئون گهرن جي ??عمير تي خرچ ٿيندا جڏهن ته وڌيڪ ضرورت به پوندي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آءِ ايم ايف شرطن ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ريليف فراهم ڪرڻ بابت چيو ته هن وقت ملڪ کي سياسي ۽ معاشي بحران درپيش آهي جڏهن ته ناڻي واري وزير جي ??المي مالياتي فنڊ سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي ۽ اميد آهي ته پروگرام جي ??حالي لاءِ ضرورتون پوريون ٿينديون. هن وقت ناڻي واري وزير ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي اميد آهي ته سٺا نتيجا نڪرندا، جيڪو اسان جي معيشت جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف ٻوڏ ۾ ٻڏل ماڻهن کي مهانگائي ۾ نه ٻوڙي پر انهن جو خيال رکي. پرڏيهي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جون ضرورتون پنهنجي ??ڳهه تي پر اسان کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ اها ذميواري نه رڳو وفاقي حڪومت جي ??هي پر عالمي ادارن بشمول آءِ ايم ايف جي ??ه آهي ته ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ جيڪي به سڌارا ڪرائين پر گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين کي به ريليف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ٻوڏ سٽيل علائقن جي ??ميني حقيقتن کان واقف آهيون ۽ جڏهن ڪورونا وائرس جي ??ماني ۾ آءِ ايم ايف پروگرام هو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي صحت جي ??عبن ۾ خرچن تي ڇوٽ ڏني وئي هئي تنهن ڪري اسان کي اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان موجوده ڳالهين ۾ ريليف ۽ نئين سر تعمير جي ??رچن ۾ شرطن ۾ ڇوٽ ڏني وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته پيپل??پا??ٽي وفاق ۽ آءِ ايم ايف کان مطالبو ڪري ٿي ته جن علائقن ۾ ٻوڏ تباهي مچائي آهي اتي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وڃي. هن چيو ته دنيا کي سمجهڻ گهرجي ??ه تمام وڏي انساني بحران مان گذري رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ نه رڳو صحت، زراعت جي ??عبن کي نقصان پهتو آهي پر ٻوڏ جي ??باهي سان صوبي جي 47 سيڪڙو تعليمي ادارن کي نقصان پهتو جنهن جي ڪري تعليمي بحران به پيدا ٿيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان زراعت جي ??عبي ۽ زرعي آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پهتو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تازي ٻوڏ جي ??باهي ۾ 7 مان هر هڪ پاڪستاني ٻوڏ کان متاثر هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پورو پاڪستان گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل جو ٿورائتو آهي ڇو ته ٻوڏ جي ??باهي کانپوءِ پاڪستان جيتري دنيا کي درخواست ڪئي هئي ان کان وڌيڪ فنڊ ڏنو ويو ۽ گڏيل قومن به پاڪستان جي لاءِ امداد جي ??رخواست ڪئي جنهن جي ??ريعي تمام گهڻو فنڊ مليو ريزيليئنٽ سنڌ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کانسواءِ گڏيل قومن جي ??يزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر، يو اين ڊي پي جي ??يزيڊنٽ نمائندي، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر، صوبائي ڪابينا جي ميمبرن، غيرملڪي سفيرن، سفارتڪارن، نمائندن، پرائيويٽ سيڪٽرز، ٻين گهڻ رخي ترقياتي حصيدارن ۽ سول سوسائٽي جي ??نظيمن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جنيوا ڪانفرنس جي ??وشني ۾ منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب نقصانن بابت بريفنگ پُڻ ڏني وئي.