اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آئيوري ڪوسٽ معيشت، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لا??ِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي سان آ??يوري ڪوسٽ جي پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي صدر اداما بگٽو گو جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پڻ موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان آ??يوري ڪوسٽ کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سٺا لاڳاپا آهن جن کي ترقي جي عمل ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان آهن. هن آ??يوري ڪوسٽ جي واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جو دورو ڪن ۽ هتي د??تياب سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيئن ته ٻئي ملڪ مختلف مسئلن تي متفقه خيال رکن ٿا ۽ مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان 2004ع کان 2017ع تائين يو اين او سي آئي تحت آئيوري ڪوسٽ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين آ??يوري ڪوسٽ جي استحڪام ۽ ترقي جي لا??ِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي. هن آ??يوري ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي صدر کي اهو به چيو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪن جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 کي موثر طريقي سان منهن کانسواءِ دهشتگردي جي لعنت تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر وفد سان آ??يوري ڪوسٽ جي قيادت لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفد جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو. ان موقعي تي اداما بڪٽو گو چيو ته ان جي ملڪ جي قيادت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي. هن صدر کي پنهنجي ملڪ پاران پنهنجي معيشت جي بهتري لا??ِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽرينز کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا.