اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شي جن پنگ کي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عو??م ۽ پارل??ام??نٽ جو مٿس اعتماد ان جي غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي، صدر شي جن پنگ چين جي ترقي ۽ خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي جن پنگ جي ٽيون ڀيرو چين جو صدر چونڊجڻ تي پن??نجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ چين جو صدر چونڊجڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عو??م پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر شي جن پنگ تي چين جي عو??م ۽ پارل??ام??نٽ جو اعتماد سندس غيرمعمولي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف آهي. صدر شي جن پنگ چين جي ترقي ۽ عو??م جي خوشحالي جي علامت بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته سندس قيادت ۾ چين دنيا جي سرفهرست معاشي قوت بڻجي چڪو آهي ۽ اهو سفر مسلسل جاري آهي. صدر شي جن پنگ جي بصيرت افروز قيادت ۾ چين تعليم، صحت، زراعت، ايجادن، ٽيڪنالاجي سميت هر شعبي ۾ حيرت انگيز ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته صدر شي جن پنگ جي 5 سالن جي صدارت واري مدي ۾ ٻنهي ملڪن جي آزمايل ۽ سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن وڌيڪ مض??وط ٿيندو. اسا?? صدر شي جن پنگ، چين جي حڪومت ۽ عو??م جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا.