اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ارليامينٽ کي حقيقي مع??يٰ ۾ قومي زندگي جو محور بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي، آئين جي روشني ۾ جوڙيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ قوم 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي ملهائي ره?? آهي، هي هڪ مقدس دستاويز آهي جنهن گذريل اڌ صديءَ دوران ڪيترن ئي طوفانن کي منهن ڏيندي وفاق کي متحد رکيو. وز??را??ظم چيو ته ??و ان موقعي تي آئين جي خالقن کي انهن جي سياسي دورانديشي تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. وز??را??ظم چيو ته 1973ع جي آئين جو اسان جو قومي ڪردار، سڃاڻپ ۽ مستقبل جي لاءِ رستو مقرر ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار آهي. هن چيو ته ??قت اچي ويو آهي ته ??ارليامينٽ کي حقيقي مع??يٰ ۾ پنهنجي قومي زندگي جو محور بڻايو وڃي ۽ آئين جي روشني ۾ ٺاهيل رولز آف دي گيم ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.