اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وفا??ي حڪومت ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽائڻ ۽ ڪڻڪ جي درآمد جي اجازت ??يڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪڻڪ جي اها درآمد نجي شعبي ذريعي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي درآمد تي لاڳو ڊيوٽي پڻ مڪمل طور تي ختم ڪئي ويندي، ڪڻڪ ۽ ا??ي جي ٻاهرئين ملڪ اسمگلنگ جي روڪٿام کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. اهي فيصلا وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ا??ي جي قيمتن تي ڪنٽرول کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيا ويا. اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ا??لاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جي بين الصوبائي چرپر جي حوالي سان سموريون پابنديون فوري طور تي هٽايون وينديون ۽ چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وينديون.